مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته رٽائر ٿي جن جي اها حالت آهي، جڏهن طاقت جي نشي ۾ ڪرسيءَ تي ويٺا هوندا ته پنهنجن اختيارن جو ڪيترو ناجائز استعمال ڪيو هوندو.
اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي مبينا آڊيو ليڪ تي رد عمل ۾ مريم نواز چيو ته نوازشريف چپ آهي پر الله پاڪ سندس خلاف سازش ڪندڙن کي وائکو ۽ خوار ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته جن جي رٽائر ٿي اها حالت آهي ته سوچو جڏهن طاقت جي نشي ۾ ڪرسيءَ تي ويٺل هوندا ته اختيارن جو ڪيڏو ناجائز استعمال ڪيو هوندو.
اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي مبينا آڊيو ليڪ ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽن ڪروڙين ۾ وڪرو ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٻڌي سگهجي ٿي.