سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ پنجاب جي اڳوڻي گورنر خواجا طارق رحيم جي هڪ ٻي مبينا آڊيو سامهون اچي وئي آهي.
ميڊيا آڊيو ۾ اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار، خواجا طارق رحيم کي چئي رهيو آهي ته خواجا صاحب هو اوهان کي هڪ عرض ڪرڻ چاهي ٿو جنهن تي پنجاب جي اڳوڻي گورنر خواجا طارق رحيم جواب ڏيندي چيو ته جي ٻڌايو.
اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته هڪ ججمينٽ ضرور ڏسي وٺجو، اها ستن ميمبرن جي ججمينٽ آهي.
پنجاب جي اڳوڻي گورنر خواجا طارق رحيم سوال ڪندي چيو ته ڪهڙي ججمينٽ؟، جنهن تي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته جي اهو پاڻمرادو نوٽيس آهي، نمبر 4 پاڻمرادو نوٽيس 2010ع جو آهي، ستن ميمبرن جي ججمينٽ 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ جي پيج نمبر 553 تي رپورٽيڊ آهي، اوهان پڙهي وٺو ته خبر پئجي ويندي.
پنجاب جي اڳوڻي گورنر خواجا طارق رحيم چيو ته جي هن ڏسي ورتو آهي پڙهي وٺندس، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ست رڪني بينچ ججمينٽ آهي جنهن ۾ هن چيو ته جج صاحب جو ايڪٽ ناهي ٺهندو.
پنجاب جي اڳوڻي گورنر خواجا طارق رحيم چيو ته هو ڏسي وٺندو، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته جيڪو به اوهان جو وڪيل آهي ان کي چئو ڏسي وٺي.
پنجاب جي اڳوڻي گورنر خواجا طارق رحيم چيو ته جيڪڏهن اوهان غور سان پڙهو هاءِ نوٽ ٽو سي جي ڪلاز ٿري آهي.
جسٽس ثاقب نثار چيو ته جي جي، جي سر هن ڏٺو آهي اها سندن پاس وي آئوٽ آهي ٻي صورت ۾ ڪيس ئي نٿو ٺهي، آزاد ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان بعد توهين عدالت جو اهو سڌو ڪيس آهي.
ان کان اڳ به اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي آڊيو سامهو آئي هئي، مبينا ڊيو ۾ ثاقب نثار پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل خواجا طارق رحيم سان ڳالهيون ڪري رهيو هو.