بابر اعظم ون ڊي ۾ 100ميچون کيڏڻ جو اعزاز ماڻي ورتو، پي سي بي طرفان رڪارڊز جي فھرست شيئر ڪئي وئي آھي.
پي سي بي جي طرفان بابر اعظم جي ون ڊي ۾ اعزازن جي ھڪ فھرست شيئر ڪئي وئي آھي.
بابر اعظم پھرين 25 ميچن ۾ ڪنھن بھ بيٽر کان وڌيڪ 1306 رنز ٺاھڻ ۽ گھٽ ۾ گھٽ 97 اننگز ۾ 5ھزار رنز ٺاھڻ واري ڪرڪيٽر جو اعزاز رکي ٿو.
ون ڊي ميچز جي تاريخ ۾ بابر اعظم اھو واحد بيٽر جنھن جي ون ڊي ايوريج 59.85 رھي، ون ڊي ميچز ۾ ھن وقت اھو اعزاز رڳو بابر اعظم وٽ ئي آھي.
ڪپتان طور 20 ون ڊي ميچز ۾ بابر اعظم جي ايوريج ڪنھن بھ ڪپتان جي مقابلي ۾ سڀ کان وڌيڪ 75.17 رھي، ٻئي نمبر تي ڀارت جو ويرات ڪوھلي آھي جنھن جي ايوريج 72.65 رھي.
بابر اعظم جي 18ون ڊي سينچريز جي ميچن مان 14ميچن ۾ پاڪستان کي ڪاميابي ملي، ٽن ميچن ۾ شڪست ۽ ھڪ ميچ ڊرا ٿي وئي.
ڪپتان بابر اعظم اھو واحد بيٽر آھي جنھن ٻھ ڀيرا مسلسل 3سينچريز ٺاھي چڪو آھي.
بابر اعظم 757 ڏينھن تائين ون ڊي بيٽرز جي رينڪن ۾ نمبر ون رھيو آھي.
2019 جي ون ڊي ورلڊڪپ دوران بابر اعظم پاڪستان بيٽر طور 474 رنز ٺاھيون ان کان اڳ ڪنھن ھڪ ورڊڪپ ۾ ايتريون رنز ٺاھڻ جو اعزاز ڪنھن پاڪستاني بيٽر کي حاصل نھ ھو.
بابر اعظم آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي فاتح ٽيم ۾ شامل ھو.
بابر اعظم اھو واحد پاڪستان بيٽر آھي جنھن آءِ سي سي مينز ون ڊي ڪرڪيٽر آف دي ايئر جو اعزاز حاصل ڪيو.
2022ع ۾ بابر اعظم سرگار فيلڊ سوبرز ڪرڪيٽر آف دي ايئر 2022ع بھ پنھنجي نالي ڪيو ويو، 2020 ۾ بابر اعظم پاڪستان جي ويليو ايبل ڪرڪيٽ آف دي ايئر جو ايوارڊ حاصل ڪيو.