بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سوناڪشي سنها شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي،
ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها پنهنجي ويجهي دوست ظهير اقبال سان هلندڙ مهيني ۾ شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويندي،
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال جي شادي جي تقريب ممبئي ۾23 جون تي ٿيندي، جنهن ۾ تقريب ۾ سوناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال جا ويجها رشتيدار، دوست ۽ هيرا منڊي جي سموري ڪاسٽ کي به دعوت ڏني وئي آهي،
ڀارتي ميڊيا موجب ڪافي عرصي کان سوناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال ۾ تعلقات آهن، ميڊيا تي ڪيترائي مرتبا سندن تعلقات جون خبرون آيو آهن، پر ٻنهي ڪڏهن به عوام جي سامهون هڪ ٻئي جي باري ۾ نه ڳالهايو آهي، پر سوناڪشي سنها جي ڄمڻ جي ڏهاڙي تي ظهير احمد پاران انسٽاگرام تي سوناڪشي سنها سان گڏ ڪجهه ياد گار سيلفيون به اپولڊ ڪيون هيون، جنهن تي مداحن جو چوڻ هو ته ظهير اقبال طرفان اهڙي پوسٽ رکڻ انهن جي تعلقاتن جي تصديق ڪري رهي آهي،
ظهير اقبال طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي تصويرو جاري ڪندي لکيو هو ته ” ماڻهو ڪجهه ته چوندا، ماڻهن جو ڪم ئي چوڻ آهي، اوهان سڀنئين کان بهترين آهيون، هميشه مُنهن تي اعتبار ڪري سگهون ٿا، اوهان هميشه خوش ۽ آباد رهو، اوهان دنيا ۾ وڌيڪ جيو ايترو جيو جو ڪوئي ٻيو نه جيو هجي، اوهان هڪ وڏي ڄمار ماڻيو، هميشه خوش رهو، مون کي توهان سان پيار آهي،
سوناڪشي سنها هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته هو شادي ڪرڻ لاءِ بي تاب آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو هو ته شرمين جي به شادي ٿي وئي آهي پر منهنجي اڃا تائين نه ٿي آهي،
سوناڪشي سنها آخري دفعو سنجي ليلا بهنسالي جي سُپر هٽ ويب سيريز ۾ ڏيکهاريو ويو هو.