وزيراعظم شهباز شريف، بلوچستان مان پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر جي گرفتاري وڏي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته حساس اداري شاندار آپريشن ذريعي پابندي مڙهيل تنظيم جي سربراهه کي گرفتار ڪيو، گرفتاري سان بلوچستان ۾ دهشتگردن کي چٿڻ ۾ مدد ملندي ۽ صوبي ۾ امن جو نئون دور شروع ٿيندو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايس آءِ کي بي اين اي جي باني کي گرفتار ڪرڻ تي مبارڪ ڏني.
سندس چوڻ هو ته حساس اداري جي شاندار آپريشن ذريعي بي اين اي سربراهه کي گرفتار ڪيو، اهو آپريشن سندن ادارن جي شاندار پيشوراڻي مهارت جو ثبوت آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بي اين اي باني جي گرفتاريءَ سان بلوچستان ۾ دهشتگردن کي چٿڻ ۾ مدد ملندي ۽ صوبي ۾ امن جو نئون دور شروع ٿيندو.