پاڪستاني ڄائي ۽ برطانيا باڪسر عامر خان تي پابندي مڙھيل دوائون استعمال ڪرڻ تي ٻه سال پابندي لڳائي وئي آھي.
برطانوي ميڊيا موجب، عامر خان تي پابندي ڊوپنگ قانون جي ڀڃڪڙي تي لڳائي وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب 2022ع ۾ ڪيل برووڪ سان گڏ فائٽ بعد عامر خان جي ٽيسٽ ڪئي وئي ھئي، عامر خان منع ڪيل دوائن جو استعمال ڪيو.
برطانوي ميڊيا موجب ان مئچ ۾ شڪست بعد عامر خان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ھو.
اينٽي ڊوپنگ رولز تحت عامر خان ٻن سالن تائين ڪنھن راند ۾ حصو نه وٺي سگھندو.