بجلي ۽ گيس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو، اسپيشل ٽيمون جوڙيون ويون

- Advertisement -
وفاقي حڪومت پاران بجلي ۽ گيس چورن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو  ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جيز ۽ پاڪستان جي سمورن علائقن جي ڊائريڪٽرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي گهرو وزير ايف آءِ اي کي خاص ٽاسڪ ڏيندي بجلي ۽ گيس چوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي. وفاقي گهرو وزير پاران ايف آءِ اي کي حواله هنڊي ۾ ملوث ماڻهن خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي. ايف آءِ اي محسن نقوي کي يونان ٻيڙي حادٽي بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته سانحي ۾ ملوث عنصرن کي انجام تائين پهچائڻو پوندو، انساني سمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.3 ° C
23.3 °
23.3 °
33%
0.9m/s
0%
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون