برطانوي بادشاهه چارلس ۽ راڻي ڪاميلا کي تاريخي تقريب ۾ بادشاهت جا تاج پارايا ويا، برطانوي تاريخ ۾ هڪ هزار سالن کان هلندڙ روايت موجب ستن ڏهاڪن کانپوءِ ٿيل تاجپوشيءَ جي تقريب ۾ بادشاهه چارلس ٽئين کي سينٽ ايڊورڊز جو 360 سال قديم تاج پارايو ويو آهي.
برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين ۽ سندس گهرواريءَ راڻي ڪنسورٽ ڪاميلا جي تاج پوشي جي تقريب ويسٽ منسٽر ايبي ٿي.
بادشاهه چارلس کي آرچ بشپ آف ڪينٽر بري قسم کڻايو، جنهن بعد بادشاهه قسم نامي تي صحيح ڪئي.
آرچ بشپ ڪنگ ايڊورڊ جو 360 سال قديم تاج بادشاهه چارلس کي پارايو، هو ڪنگ ايڊورڊ تاج پائيندڙ ستون شاهي سربراهه آهي.
بادشاهه چارلس جي تاج پوشي واري تقريب ۾ وزيراعظم شهبازشريف سميت هڪ سئو ملڪن جي سربراهن ۽ شاهي خاندان سوڌو 2 هزار 200 مهمانن شرڪت ڪئي.
گذريل ستر ورهين ۾ تاج پوشي جي هيءَ پهرين تقريب ۾ جنهن ۾ شرڪت لاءِ شهزادو هيري به ويسٽ منسٽر ايبي پهتو، پرنس اينڊريو، پرنس ايڊورڊ، پرنس يوجين، پرنسس اين به شرڪت ڪئي.
تاج پوشيءَ بعد سڄي ملڪ ۾ بگل وڄايا ويا ۽ توپن جي سلامتي پيش ڪئي ويندي.
تاج پائڻ بعد بادشاهه چارلس ۽ راڻي ڪاميلا 4 ٽن سون سان ٺهيل شاهي بگيءَ ۾ روانا ٿيا، اِها بگي جارج ٽئين لاءِ ٺاهي وئي هئي، بادشاهه ۽ راڻي 39 ملڪن جي 4 هزار فوجي اهلڪارن جي هڪ ميل ڊگهي جلوس ۾ واپس بڪنگهم پيلس پهتا.
بڪنگهم پيلس ۾ واپسيءَ بعد شاهي خاندان بالڪوني ۾ ايندو، ان موقعي تي برطانوي فوج جا هوائي جهاز کين سلامي ڏيندا، پر خراب موسم سبب فلاءِ پاسٽ ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي.
آچر ڏينهن رات اٺين وڳي ونڊسر ڪيسل ۾ ڪورنيشن ڪانسرٽ ٿيندو، جنهن ۾ هڪ هزار ماڻهو شريڪ ٿيندا، جڏهن ته سومر ڏينهن 8 مئي تي برطانيا ۾ عام موڪل هوندي.
بادشاهه چارلس 14 نومبر 1948ع تي پيدا ٿيو ۽ کيس 1969ع ۾ باقاعده طور پرنس آف ويلز جو خطاب ڏنو ويو، بادشاهه چارلس فوجي خدمتون به انجام ڏنيون.
برطانوي بادشاهه چارلس پهرين شادي 1981ع ۾ پرنس آف ويلز ڊيانا سان ڪئي، جنهن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد ٿيو.
ڊيانا سان سندس ويڇا ۽ ڪاميلا سان ويجهڙائي به خبرن جي زينت رهي، 1997ع ۾ ڊيانا جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي اَٺن سالن کانپوءِ 2005ع ۾ چارلس ڪاميلا پارڪر سان ٻي شادي ڪئي.
بادشاهه چارلس جا ٻه پٽ شهزادو وليم ۽ شهزادو هيري آهي، سندس وڏي پٽ شهزادي وليم کي هاڻي پرنس آف ويلز جو اعزاز ڏنو ويو آهي.
بادشاهه چارلس گذريل سال سيپٽمبر ۾ راڻي اليزبيٿ جي لاڏاڻي بعد برطانيا جو بادشاهه بڻيو هو.
تاج پوشي جي اها روايت هڪ هزار 66 ۾ شروع ٿي، جنهن جو سلسلو جاري آهي ۽ بادشاهه چارلس 40هين بادشاهه طور اهو تاج پنهنجي سر تي سجايو آهي.