برطانيا جي مشهور ۽ امير ترين واپاري الفريڊ وليم بيسٽ عرف ايلفي بيسٽ اسلام قبولي ورتو.
هڪ نيوز ويب سائٽ جي مطابق موبائل هوم پارڪ ڪمپني وائلڊ ڪرسٽ پارڪس جي موجوده چيئرمين ۽ دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ شامل ايلفي بيسٽ به ڪلمو پڙهي مسلمان بڻجي ويو.
ڪجهه مهينا پهرين ايلفي بيسٽ جي طرفان مسجد مان هڪ تصوير شيئر ڪئي وئي هئي جنهن جي ڪيپشن ۾ لکيل هو ته جنهن کي الله هدايت ڏي ان کي ڪو به گمراهه نٿو ڪري سگهي ۽ الله جنهن کي گمراهه ڪري ان کي ڪو به هدايت نٿو ڏئي سگهي.
ويجهڙ ۾ ئي ايلفي بيسٽ پنهنجي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ ڪيپشن هو تمام تعريفون الله جي لاءِ آهن.
واضح رهي ته ايلفي 1990 ۾ هڪ فون شاپ مان پنهنجي ڪاروبار جو آغاز ڪيو هو ۽ هاڻي هُو برطانيا جي امير ماڻهن ۾ شامل آهي