برطانيا جي ھڪ نوجوان بستر تي پيل لاعلاج مريضن جي اسپتال لاءِ مسلسل ٽن سالن تائين تمبو ۾ سمھي 6لک 60ھزار ڊالر کان وڌيڪ رقم گڏ ڪري ورتي آھي جيڪا پاڪستاني رپين ۾ 34ڪروڙ 27لک رپيا ٺھي ٿي.
ڊي وون جي رھواسي ميڪس ووسي پنھنجي گھر ٻاھران ھڪ تمبو ۾ مسلسل ٽن سالن تائين سمھڻ جو رڪارڊ قائم ڪيو آھي جنھن جي تصديق گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ طرفان ڪئي وئي.
ميڪس ووسي مارچ 2020ع ۾ 10سالن جي عمر ۾ اھو ڪم شروع ڪيو ھو، ننڍي عمر باوجود ھو مستقل مزاجي سان پنھنجي تمبو تائين محدود رھيو ۽ رڳو ضروري ڪم لاءِ اتان اٿندو ھو.
سوشل ميڊيا تي شھرت بعد کيس لنڊن جي چڙيا گھر، ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ ۽ مشھور رگبي گرائونڊ ۾ بھ پنھنجو تمبو لڳايو ۽ اتان کيس غير معمولي رقم عطيو ڪئي وئي، ھو شروع ۾ رڳو 100 پونڊ جمع ڪرڻ چاھي پيو.