تازه ترين

بشرى بي بي جي ويڊيو بيان خلاف 2 ڪيس داخل

پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي گهر واري بشرى بي بي جي بيان تي بشرى بي بي خلاف 2 ڪيس داخل ڪيا ويا.

رپورٽ موجب، پي ٽي آءِ باني جي گهر واري بشرى بي بي جي ويڊيو بيان کانپوءِ ڊيرا غازي خان ۽ راجنپور ۾ ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا.

بشرى بي بي خلاف ٽيلي گراف ايڪٽ 1885 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا، جنهن ۾ ٻيا قلم به شامل ڪيا ويا آهن.

ڪيس جي متن ۾چيو ويو آهي ته بشرى بي بي ماڻهن ورغلائڻ لاءِ نفرت جوڳو بيان ڏنو.

ڪيس جي متن موجب، بشرى بي بي جو بيان پروپيگنڊا ۽ سعودي عرب سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي سازش آهي، سياسي مقصدن لاءِ ڏنل بيان صرف الزام تي ٻڌل آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جوابدار خلاف قلم 126 ٽيلي گراف ايڪٽ ۽ ٻين قانونن تحت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون