اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بغاوت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي 3 مئي تائين حفاظتي ضمانت منظوري ڪندي کيس هڪ لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي حفاظتي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان، سندس وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر، فيصل چوڌري ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
عمران خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سخت سڪيورٽي ٿريٽس آهن جنهن سبب ٻيهر قاتلاڻو حملو ٿي سگهي ٿو، عدالت ٽرائل ڪورٽ بدران پاڻ حفاظتي ضمانت منظور ڪري.
عدالت عمران خان جي 3 مئي تائين حفاظتي ضمانت منظوري ڪندي کيس هڪ لک رپين جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.