پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مارشل لا يا ايمرجنسي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
لاڙڪاڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لارجر بئنچ نه جوڙي وئي ته ملڪ ۾ مارشل لا يا ايمرجنسي لڳي سگهي ٿي.
هن چيو ته تاريخ چيف جسٽس کي هميشه ياد رکندي، عدليه جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، ٽن ججن کي سوچڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته سينئر ترين جج به عدليه تي تنقيد ڪري رهيا آهن، عام چونڊن بابت ڪيس ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سڀني سامهون آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 9 رڪني ججن جي بئنچ هلندي هلندي وڃي ٽن تائين پهتي آهي، پنهنجو ذهن ظاهر ڪرڻ کانپوءِ ججن جو ساڳي ئي بئنچ ۾ ويهڻ مناسب ناهي، آئيني گهرج پوري ڪندي ٻڌڻي لاءِ لارجر بئنچ قائم ڪرڻ گهرجي.