سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري چٽي موقف سان واضح ٿي ويو ته ڪشمير تي ڪوبه ٺاهه نه ڪيو ويندو، پرڏيهي وزير ڀارتي دوري ۾ ڪشميري عوام جي حقيقي ترجماني جو حق ادا ڪري ڇڏيو، بلاول جي بيان تي سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڀارتي جنتا پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي پهتي آهي.
تحريڪ انصاف اڳواڻن جي بيان تي رد عمل ڏيندي امتياز شيخ چيو ته تحريڪ انتشار ملڪ خلاف دشمن ملڪن جي ادارن کي مڪمل ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري چٽي موقف سان واضح ٿي ويو ته ڪشمير تي ڪوبه ٺاهه نه ڪيو ويندو.
صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته پرڏيهي وزير ڀارتي دوري ۾ ڪشميري عوام جي حقيقي ترجماني جو حق ادا ڪري ڇڏيو، بلاول جي بيان تي سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڀارتي جنتا پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي پهتي آهي.
هن چيو ته 5 آگسٽ 1999ع تي ڀارت جي ظالماڻي قدمن تي اڳوڻو وزيراعظم پنهنجي زبان ڏندن ۾ دٻائي ويٺو هو.
صوبائي وزير امتياز شيخ چيو ته حريت ڪانفرنس به پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪشمير بابت جرتمنداڻي موقف کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو آهي، ڀارتي جنتا پارٽي ۽ عمران خان جو پاڪستاني موقف خلاف هڪ آواز ٿيڻ خطري جي علامت آهي.