بنگلاديش ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي قيمتن ۾ واڌ تي تنقيد ڪندڙ صحافيءَ کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
پرڏيھي ميڊيا رپورٽس موجب، بنگلاديش جي ناليواري اخبار سان سلھاڙيل صحافي شمس الزمان پنھنجي ھڪ رپورٽ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين ۾ واڌ تي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ھو، صحافي شمس الزمان کي ڍاڪا جي ويجھو سندس گھر مان گرفتار ڪيو ويو.
بنگلاديش جي گھرو وزير اسد الزمان خان ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو تھ صحافي شمس کي ڊجيٽل سڪيورٽي ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو آھي، سندس رپورٽ ڪوڙي ۽ گھمراھھ ڪندڙ آھي.
بنگلاديش ۾ ڊجيٽل سڪيورٽي ايڪٽ تحت 14سال قيد جي سزا ڏئي سگھجي ٿي، ملڪ ۾ ھن وقت تائين ڊجيٽل سڪيورٽي ايڪٽ تحت 138صحافين خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.