تازه ترين

بنگلاديش ۾ جنگي ڏوهه جي خاص ٽربيونل اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد خلاف اجتماعي قتل جي ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

- Advertisement -
بنگلاديش ۾ جنگي ڏوهه جي خاص ٽربيونل اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد خلاف اجتماعي قتل جي ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. بنگلاديش جي جنگي ڏوهن جي ٽربيونل پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حسينه واجد خلاف قتل جا ڪيس عام ماڻهن طرفان آندا ويا آهن جن ۾ حسينه واجد جي ڪيترن ئي اڳوڻن سهولتڪارن کي به نامزد ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم خلاف اجتماعي قتل جا ڪيس آهن ۽ ڏوهه ٽربيونل ڏوهن جي ڪيسن جي به جاچ ڪندو. رپورٽ موجب شيخ حسينه واجد جي 15 سالن جي حڪومت خلاف تقريبن هڪ مهيني دوران شاگردن جي قيادت ۾ ٿيندڙ پرتشدد مظاهرن ۾ 450 ماڻهو مارجي ويا جن ۾ اڪثريت پوليس فائرنگ سان مارجندڙن جي هئي. شاگردن طرفان سڄي ملڪ ۾ احتجاج کانپوءِ حسينه واجد کي وزيراعظم کي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار ٿيڻو پيو هو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25 ° C
25 °
25 °
32 %
0.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
37 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون