تازه ترين

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي امدادي رقم ڪئمپ آفيس ذريعي رقم فراهم ڪرڻ جو فيصلو

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي امدادي رقم مان ڪٽوتي جي شڪايتن بعد هن ڀيري ڪئمپ آفيس ذريعي رقم فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

بي آءِ ايس پي چيئرپرسن روبينا خالد سک جي بچل شاهه مياڻي ۽ ٻٻر لوءِ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽرن جو دورو ڪيو.

لاڙڪاڻي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ امدادي رقم جي فراهمي بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا، ميئر انور علي نواز لُهر، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري سميت چونڊيل نمائندن ۽ بي آءِ ايس پي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو ته رٽيلر طرفان ڪٽوتي جي شڪايتن تي هن ڀيري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي امدادي رقم ڪئمپ آفيس جي ذريعي ڏني ويندي.

هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انتظاميه، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ميئر کي گذارش ڪئي وئي آهي، جن جي مشاورت سان ڪٽوتي جون شڪايتون نه ٿينديون.

هن چيو ته مستحق عورتن کي بئنڪن جي ذريعي امدادي رقم ڏيڻ تتي به غور ڪيو پيو وڃي.

هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتون کوڙ ساريون شڪايتون آهن جيڪي جائز هونديون ته ذميوارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي  روبينا خالد چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي بينظير ڀٽو جو نالو هئڻ سبب هو شفاف نموني هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر پروگرام مان ڪٽوتي ختم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن.

ٻٻر لوءِ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽر جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي روبينا خالد چيو ته عورتن سان بداخلاقي يا ڪٽوتي جي شڪايتن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي.

هن چيو ته

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
1.4kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
25 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
27 °

تازه ترين خبرون