چين طرفان تائيوان جي صدر جي امريڪي دوري جي رد عمل ۾ شروع ڪيل فوجي مشقون ٽئين ڏينهن به جاري آهن.
امريڪي اسپيڪر جي تائيوان جي صدر سان ملاقات بعد چين طرفان تائيوان ۾ فوجي مشقون شروع ڪيون ويون هيون جنهن تي امريڪا طرفان چين کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي هئي.
چيني فوج موجب، مشقن جي ٽئين ڏينهن ويڙهاڪ جهازن تائيوان جي ويجهو هدفن کي نشانو بڻائڻ جي مشق ڪئي.
فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايڇ k6 جهازن تائيوان آئي لينڊ جي ويجهو حقيقي هٿيارن سان گڏ حدفن تي حملو ڪرڻ جي مشق ڪئي.
8اپريل کان جاري مشقن کي چين جوائنٽ سورڊ جو نالو ڏنو آهي، چيني فوج موجب مشقن جو مقصد تائيون جي ناڪا بندي جي صلاحيت کي جاچڻو آهي .
تائيوان جو چوڻ آهي ته مشقن دوران چين جي 70 جهازن تائيوان جي حدن جي ويجهو اڏام ڀري جڏهن ته 11 چيني سامونڊي جهازن کي ڏٺو ويو.
تائيوان جي بچاءَ واري وزارت جو چوڻ آهي ته 45 چيني جهازن تائيوان ۾ ميڊين لائن ڪراس ڪئي هئي ۽ تائيوان جي ڏکڻ واري حصي جي ويجهو اڏام ڀري هئي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ تائيوان جي صدر ڪيليفونيا ۾ امريڪي ايوان جي اسپيڪر ميڪ ڪارٿي سان ملاقات ڪئي هئي.