تحريڪ انصاف، سينيٽ چيئرمين جي نگراني ۾ ڳالهين جي تجويز رد ڪري ڇڏي، شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڳالهيون سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن نه پر اڄ ئي شروع ٿيڻ گهرجن، قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري رولز جي ڀڇڪڙي ڪئي وئي آهي، عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ معاملي تي پارليامينٽ ۾ بحث نه ڪرڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سينيٽ چيئرمين ڳالهين لاءِ رڳو سينيٽرز جا نالا گهريا آهن، اڄ اٽارني جنرل 3 رڪني ڪميٽي کي قبول ڪري ورتو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪميٽي لاءِ تحريڪ انصاف جا نالا اچي ويا آهن، حڪومت به پنهنجا نالا ڏئي.
تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت ڳالهين لاءِ سنجيده آهي ته هو چون ٿا ته اڄ ئي ڳالهيون ٿين، هي اليڪشن کان ڀڄڻ لاءِ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ چاهن ٿا، هو پارليامينٽ ۾ ويهڻ لاءِ تيار آهن.