تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر حڪومت سان ڳالهين جي اطلاعن کي رد ڪري ڇڏيو.
قومي اسيمبليءَ ۾ اعتراض جي نقطي تي ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ۾ ڳالهين بابت غور ويچار نه ٿيو آهي.
هن چيو ته هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ۾ فاتحا خواني ڪئي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ڳالهين واري ڪميٽي ضرور قائم ڪئي آهي پر ڳالهيون تڏهن شروع ٿينديون جڏهن حڪومت سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي.
اسد قيصر چيو ته حڪومت سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي تحريڪ انصاف باني سان هدايتن موجب ٿيندي.
هن چيو ته حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو ته 26 نومبر تي فائرنگ ڇو ڪئي وئي؟ ڪهڙي قانون تحت هٿين خالي شهرين تي فائرنگ ڪئي وئي، نئون قانون غير آئيني آهي.
اسد قيصر چيو ته تحريڪ انصاف باني کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.