تازه ترين

تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر  حڪومت سان ڳالهين جي اطلاعن کي رد

- Advertisement -
تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر  حڪومت سان ڳالهين جي اطلاعن کي رد ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبليءَ ۾ اعتراض جي نقطي تي ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ۾ ڳالهين بابت غور ويچار نه ٿيو آهي. هن چيو ته هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ۾ فاتحا خواني ڪئي. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ڳالهين واري ڪميٽي ضرور قائم ڪئي آهي پر ڳالهيون تڏهن شروع ٿينديون جڏهن حڪومت سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي. اسد قيصر چيو ته حڪومت سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي تحريڪ انصاف باني سان هدايتن موجب ٿيندي. هن چيو ته حڪومت کي جواب ڏيڻو پوندو ته 26 نومبر تي فائرنگ ڇو ڪئي وئي؟ ڪهڙي قانون تحت هٿين خالي شهرين تي فائرنگ ڪئي وئي، نئون قانون غير آئيني آهي. اسد قيصر چيو ته تحريڪ انصاف باني کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جاچ ٿيڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون