تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرار ڏئي ڇڏيو، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو، ڪروڙين ماڻهن ۽ جمهوري طاقتن لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن آهي، عدليه کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، فيصلي سان انصاف جو الم بلند ٿيو آهي، طاقتور ۽ جابر حق کسي سيٽون ٻين ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي، آئين جي شڪل خراب ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي چڪي آهي. سپريم ڪورٽ طرفان فيصلو ٻڌائڻ بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته هو چوندا رهيا، سندن حق تي ڌاڙو هنيو ويو جيڪو سپريم ڪورٽ واضح ڪري ڇڏيو، جيڪي ماڻهو تحريڪ انصاف کي ميسارڻ چاهن پيا، کين پيغام ملي ويو. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ تحريڪ انصاف جي ريزرو سيٽن تي حق ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلو ڏنو، اڄ 25 ڪروڙ ماڻهن، جمهوري طاقتن ۽ محب وطن پاڪستانين لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، هي فيصلو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته اڄ 13 مان 11 ججن پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي فوري طور عمل ڪري، هو اميد ڪن ٿا ته تحريڪ انصاف کي ريزرو سيٽون ڏنيون وينديون. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شبلي فراز چيو ته هو عدالتن کي پيٽا پيش ڪن ٿا، فيصلي سان انصاف جو الم بلند ٿيو آهي. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي جمهوري ۽ سياسي تاريخ ۾ يادگار ڏينهن هوندو، کين اڃا به اڌ مينڊيٽ مليو آهي، جدوجهد ختم ناهي ٿي. تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سينيٽر شبلي فراز چيو ته هو سپريم ڪورٽ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ چاهي ٿو، عدالت نامناسب حالتن ۾ انصاف جو الم بلند ڪيو. ايڊووڪيٽ سلمان اڪرم راجا چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جو سونهري ڏينهن آهي، اڄ آئين جي سوڀ ٿي آهي، هي تمام وڏو ڏينهن آهي، اڄ هنن هڪ قانوني جنگ کٽي آهي،سياسي جنگ اڃا باقي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13.7 ° C
13.7 °
13.7 °
14 %
2.8kmh
66 %
خميس
13 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
21 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون