تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ پي ڊي ايم اتحاد سان ڳالهين بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي رهي آهي، اپيل ڪئي ويندي ته پنجاب ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم تي عمل ڪرائي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ پي ڊي ايم اتحاد سان ڳالهين بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي رهي آهي.
تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر فواد چوڌري چيو ته رپورٽ ۾ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ويندي ته پنجاب ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم تي عمل ڪرائي.