ماحولياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته تحريڪ انصاف قيادت پرتشدد احتجاج تي بروقت ضابطو آڻي سگهي پئي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته مڇريل ڪارڪنن جي تشدد جي مذمت به نه ڪئي وئي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ شيري رحمان چيو ته تحريڪ انصاف قيادت پرتشدد مظاهرين کي باهه لڳائڻ، ساڙڻ ۽ حملا ڪرڻ جو چيو بعد ۾ پرتشدد ڪارڪنن کي روڪڻ بدران لاتعلقي جو اظهار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته حساس ادارن، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن تي منظم طريقي سان حملا ڪيا ويا اهو ڪنهن سياسي پارٽي جو ردعمل بلڪل نه هو.
وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته تحريڪ انصاف جي ورهاست ۽ چڙڏياريندڙ سياست جا خطرناڪ نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، سياسي پارٽين جي قيادت ڪارڪنن کي ڀڃڊاهه ۽ وڳوڙن لاءِ ناهي ڀڙڪائيندي.
هن چيو ته قيادت جو ڪم ڪارڪنن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ وڳوڙن کان روڪڻ هوندو آهي، جهڙي طرح پي ٽي آءِ قيادت مظاهرين ۽ وڳوڙن کي هوا ڏني اهو انتهائي غير ذميواراڻو ۽ خطرناڪ عمل آهي.
ماحولياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته پرامن احتجاج هر پارٽي ۽ شخص جو آئيني حق آهي پر تحريڪ انصاف پرامن ۽ پرتشدد مظاهري ۾ فرق نٿي ڄاڻي.