تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

- Advertisement -
تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر جو نوٽيفڪيشن اسپيڪر صوابديد آهي جيڪو هن جاري ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته سندن ڪوشش هئي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿئي جنهن به جاري ڪرايو بهتر ٿيو، سندس خيال ۾ نوٽيفڪيشن اسپيڪر جاري ڪيو جنهن تي هو ٿورائتا آهن. سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي چونڊ ڪڏهن ٿيندي؟ بابت سوال جي جواب ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته کين ٻڌايو ويو آهي ته اڄ يا سڀاڻي مخالف ڌر جي اڳواڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو، پي ٽي آءِ باني ٻنهي اڳواڻن کي اپوزيشن ليڊر طور نامزد ڪيو ٻئي ٿي وڃن ته بهتر آهي. پي ٽي آءِ ميمبر جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ شريڪ ڇو نه ٿيا بابت سوال جي جواب بئريسٽر گوهر چيو ته ستاويهين آئيني ترميم کانپوءِ جوڊيشل ڪميشن جي حيثيت تبديل ٿي، 26هين آئيني ترميم تي سخت خدشن سبب جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ پهريان به شامل نه ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته هو چاهن پيا ته جيڪي به جج اچن هو ان طريقيڪار جو حصو رهن ۽ پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن، 27هين آئيني ترميم ۽ نئي عدالت قائم ٿيڻ کان هن وقت تائين پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ناهي ٿي. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿيندي ته ڳالهه ٻولهه ڪري هو اڳتي وڌندا، جهڙي طرح ڪميٽين جو بائيڪاٽ ڪيو اهڙي طرح جوڊيشنل ڪميشن اجلاس ۾ به شرڪت نه ڪئي. بئريسٽر گوهر چيو ته جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت بابت پي ٽي آءِ باني ملاقات کانپوءِ قطعي فيصلو ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
-1.1 ° C
-1.1 °
-1.1 °
33 %
2.9kmh
0 %
جمعو
-1 °
ڇنڇر
5 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
5 °

تازه ترين خبرون