سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران خان هڪ دهشتگرد آهي جيڪو کلي عام گهمي رهيو آهي.
مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان نوجوانن جو برين واش ڪري رياست تي حملي لاءِ هدايتون جاري ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان آئين ٽوڙڻ ۽ ملڪ خلاف سازش ڪرڻ کان به نه ٿو ڊڄي، هڪ شخص ملڪي مفادن سان کيڏڻ کان به نه ڪيٻائي رهيو آهي.
مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ٿيندي، تحريڪ انصاف چيئرمين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پيش نه ٿيو ۽ کيس رليف ملندو رهيو آهي.