SindhTvNews
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
W3Schools
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس
No Result
View All Result
SindhTvNews
W3Schools
No Result
View All Result
Home سنڌ

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج

Sindh tv by Sindh tv
مَي 9, 2023
in سنڌ
251 2
A A
0
492
SHARES
1.4k
VIEWS
Twitter

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري آهي.

ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن شاهراهه فيصل کي بند ڪري ڇڏيو  ۽ پوليس ٿي پٿراءُ ڪيو  جنهن دوران پوليس  ڳوڙها آئيندڙ گيس جو استعمال ڪيو .

RelatedPosts

سنڌ حڪومت طرفان ايس بي سي اي  ۾ رين ايمرجنسي سينٽر قائم

سنڌ ۾ 40 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي : نثار کهڙي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو سلسلو جاري

پي ٽي آءِ جي مڇريل ڪارڪنن پوليس موبائيل تي پٿراءُ ڪيو  جڏهن ته اسٽريٽ لائيٽن جي ٿنبن کي  ٽوڙي ڇڏيو.

شاهراه فيصل تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پيپلز بس تي به پٿراءُ ڪري شيشا ٽوڙي ڇڏيا مڇريل ڪارڪنن پوليس وين کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ احتجاج ڪندڙن قيدين کي کڻي ويندڙ وين کي پڻ نقصان پهچايو.

شاهراه فيصل تان پوليس پي ٽي آءِ جي مختلف ڪارڪنن کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ پڻ معطل ٿي وئي آهي.

ال آصف اسڪوائر تي به پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري  سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب سپر هاءِ وي جا ٻئي پاسا عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا، ٽريفڪ کي برق پمپ وٽان اندورني آبادي ۽ عادل بس اسٽاپ وٽان گلشن اقبال طرف موڪليو وڃي ٿو.

حيدرآباد ۾ عمران خان جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن حيدرچوڪ تي ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو،  ڪوه منور چوڪ تي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن دوران ڪاروبار بند ڪرائڻ جي ڪوشش  ڪئي ته ڪارڪنن ۽ واپارين ۾ جهيڙو ٿي ويو.

شهر جي ريشم گلي ۾ به واپارين ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙي دوران هاٿاپائي ٿي پئي.

سکر  ۾ به عمران خان جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪن ڪارڪنن رستن تي نڪري آيا ۽ ديدار جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملٽري روڊ تي  ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه ڏني.

ميرپورخاص ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف ٽول پلازه تي احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن دوران پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي ته ڪارڪنن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته پوليس پي ٽي آءِ جي ضلعي صدر آفتاب قريشي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ به پي ٽي آءِ جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، عمران خان جي گرفتاري خلاف جاويد بليدي ۽ اسماعيل ابڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

نوابشاهه ۾  پي ٽي آءِ ڪارڪنن عمران خان جي گرفتاري خلاف  دڪان بند ڪرائي ڇڏيا ۽ احتجاج ڪندي وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

سانگهڙ  ۾ عمران خان جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن مشتاق جوڻيجي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهه ڏنو.

ٽنڊي الهيار  ۾ عمران خان جي گرفتاري تي پي ٽي آءِ  ڪارڪنن مختلف هنڌ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا.

دادو ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف ڪارڪنن انڊس هاءِ وي تي ضلعي صدر عاشق زنئور ۽ ظهير چانڊيي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه ڏني، ڌرڻي دوران ڪارڪنن ۽ مسافرن وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون.

ٽنڊي محمد خان عمران خان جي گرفتاري خلاف شهر جزوي طور بند ٿي ويو جڏهن ته ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شڪارپور ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري خلاف تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن لالا شمس پٺاڻ، عبدالغني جکرو ۽ وڪيل آفتاب احمد سومري جي اڳواڻي ۾ لائبرري چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

عمر ڪوٽ  ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قمبر ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن عمران خان جي گرفتاري خلاف ضلعي صدر محمد علي هڪڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو.

گهوٽڪي ۾ به اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي گرفتاري خلاف پي ٽي آءِ ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ۽ ٽائرن کي باهه ڏني.

ڪنڌڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن انصاف هائوس کان گهنٽا گهر تائين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته تنگواڻي، بخشاپور، ڪرمپور ۽ غوثپور ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا.

ميرپور ماٿيلي، ٺل، ٽنڊي آدم، محرابپور، ڄام صاحب، جهنڊي مري، رتيديري، شهداپور،  تنگواڻي، فيض گنج، ماتلي، ڀرياروڊ،  اوٻاوڙو ۽ ٺڪراٺو  ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن عمران خان جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

Tweet123
Sindh tv

Sindh tv

Related Posts

سنڌ حڪومت طرفان ايس بي سي اي  ۾ رين ايمرجنسي سينٽر قائم

سنڌ حڪومت طرفان ايس بي سي اي  ۾ رين ايمرجنسي سينٽر قائم

by Sindh tv
مَي 29, 2023
0
1.4k

سنڌ حڪومت طرفان ايس بي سي اي  ۾ رين ايمرجنسي سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي،  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جَي...

پاڪستان

سنڌ ۾ 40 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي : نثار کهڙي

by Sindh tv
مَي 29, 2023
0
1.4k

وفاقي حڪومت پاران تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو ۽ چوبارا ڪئنال منصوبي کي ايڪنڪ جي ايجنڊا بڻائڻ تي سنڌ...

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو سلسلو جاري

by Sindh tv
مَي 29, 2023
0
1.4k

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، جڏهن ته ننگرپارڪر...

ملير جي پپري واري علائقي جو  رهواسي گهوٽڪي ضلعي مان مبينا طور اغوا

ملير جي پپري واري علائقي جو  رهواسي گهوٽڪي ضلعي مان مبينا طور اغوا

by Sindh tv
مَي 29, 2023
0
1.4k

ملير جي پپري واري علائقي جو  رهواسي گهوٽڪي ضلعي مان مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي، وارثن پاران نوجوان جي...

SindhTvNews

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Navigate Site

  • پهرين صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي

Follow Us

No Result
View All Result
  • پهريون صفحو
  • پاڪستان
  • سنڌ
  • بين الاقوامي
  • ڪاروبار
  • رانديون
  • شوبز
  • دلچسپ ۽ عجيب
  • هيڊلائينز
  • پروگرامز
    • حيدرآباد ٽائيم
    • جيڪب آباد ٽائيم
    • لائيف لائين
    • ڪراچي ڊائري
    • هاٽ اشوز
    • بهائينڊ دي نيوز
    • راڄڌاني ٽائيم
    • منظر پسمنظر
    • شهيد بينظير آباد ٽائيم
    • ڪلاس روم
    • حقيقت
    • کيتي سر سيتي
    • اسپورٽس باڪس
    • نيو جنريشن
    • وستي وستي
    • سکر ٽائيم
    • ميرپورخاص ٽائيم
  • وڊيوز
  • رپورٽس

Copyright © 2020 Enzyme Digital.

Welcome Back!

Login to your account below

Forgotten Password?

Retrieve your password

Please enter your username or email address to reset your password.

Log In