تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ پيش، چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عدالت مان گرفتاري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، عمران خان جي گرفتاري سان عدالت جو وقار مجروح ٿيو آهي، نيب جي گرفتاري وارنٽن جي ڪابه حيثيت ناهي، ڪنهن کي به سپريم ڪورٽ، هائيڪورٽ يا احتساب عدالت مان گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي، نيب عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت جي توهين ڪئي آهي، ڪنهن ماڻهو عدالت اڳيان سرينڊر ڪيو ته سندس گرفتاري جو ڪهڙو مطلب آهي؟ 90 ماڻهو عدالت جي اڱڻ ۾ داخل ٿيا ته عدالت جي ڪهڙي عزت رهي؟ معاملو عدليه جي احترام جو آهي، ماضي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي وڪيلن خلاف به توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي چڪي آهي، ڪنهن کي عدالت جي اڱڻ مان گرفتار ڪيئن ٿو ڪري سگهجي، جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هر شهري کي انصاف تائين پهچ جو حق حاصل آهي، سياسي ماڻهن کي معاملا عدالت ۾ نه آڻڻ گهرجن، نيب تي سياسي انجنيئرنگ سميت ٻيا الزام لڳندا رهيا آهن، نيب گرفتاري وارنٽن تي عمل ڪرڻ لاءِ پنجاب پوليس سان رابطو ڇو نه ڪيو، اهڙي نموني گرفتاريون ٿيون ته عدالت سان ڪير رابطو ڪندو؟
وزيراعظم شهباز شريف جون ترڪيه ۾ ڪاروپاري شخصيتن سان ملاقاتون
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ترڪيه ۾ ڪاروپاري شخصيتن سان ملاقاتون هاڪاري رهيون آهن، زراعت ۽ توانائي سميت...