سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان پنهنجي مفاد لاءِ ملڪ کي نقصان پهچائي رهيو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي، عمران خان ۽ قاسم سوري کي غير آئيني ڪم ڪرڻ تي سزا ملڻ گهرجي، هڪ شخص کي راضي ڪرڻ لاءِ ملڪ جي آئين سان هٿ چراند ڪرڻ نه ڏني ويندي، ڪوبه ادارو پارليامينٽ تي زبردستي پنهنجي راءِ نٿو مڙهي سگهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته اسرائيل ۽ ڀارن کان پيسا وٺي ملڪ خلاف مهم هلائي وڃي.
حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ سياسي پارٽي ڀارت ۽ اسرائيل کان پيسا وٺي ڪريل سازش ڪئي پئي وڃي اهو ٻڏي مرڻ جو مقام آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت تبديل ٿي ۽ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪيو ته تحريڪ انصاف رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪڏهن هڪ ٻن مهينن بعد 21 ارب رپين ۾ صوبن ۽ قومي اسيمبليءَ جي چونڊ ٿي وڃي ته بهتر ٿيندو.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جڏهن پيپلز پارٽي اڪثريت ۾ اسيمبليءَ ۾ هئي تڏهن به سڀني کي گڏ کڻي هلي، اوهان کي گڏجي ويهي فيصلا ڪرڻا پوندا، عمران خان وٽ نمبر پورا نه هئا کيس غيبي طاقتون سپورٽ ڪري رهيون هيون.
هن چيو ته عيد جي ڏهاڙي امن ۽ محبت جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، فيصلا ڪرڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح هڪ قوم بڻجي ملڪ ۽ قوم لاءِ بهتر پاليسيون بڻائي سگهجن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جو آئين ۽ غيرقانوني اسيمبليون ٽوڙيندڙن کي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي، عمران خان، عارف علوي ۽ قاسم سوري غير آئيني ڪم ڪيو، جن آئين ٽوڙيو انهن کي سزا ڏيڻي پوندي هڪ ملڪ ۾ 2 قانون نٿا هلي سگهن.
سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2018ع ۾ هڪ سياسي پارٽي کي لاڏلو بڻائي غير جمهوري طريقي سان جعلي مينڊيٽ ڏنو ويو، ان ئي سياسي پارٽي جو اڄ به غير آئيني ۽ جبري طور تي رستو سڌو ڪيو پيو وڃي، ان سپورٽ کي هرحال ۾ ختم ڪرڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ معتبر پارليامينٽ آهي، پارليامينٽ کان مٿي ڪابه سپريم ناهي ان کي ڪوبه ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهن پر عمران خان انڪار ڪندي چيو ته چورن سان ڳالهيون نه ڪندس، مشروط ڳالهين تي پيپلز پارٽي حمايت نه ڪندي، چونڊن لاءِ حالتون صحيح ناهن پهريان به چونڊون ملتوي ٿيون آهن.