اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ترقي جو سفر جتي بند ٿيو اتان ئي شروع ڪيو ويندو، معاشي بحران ختم ڪري ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻايو ويندو، مسلم ليگ ن ڪارڪن عام چونڊن جي ڀرپور تياري ڪن.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون جو دورو ڪيو.
ڏيهه واپسي بعد نواز شريف جو مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ اهو پهريون ڏينهن آهي.
مرڪزي سيڪريٽريٽ پهچڻ تي پارٽي صدر شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ نواز شريف جو آڌرڀاءُ ڪيو.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارٽي جي سينيئر اڳواڻن خواجا محمد آصف، احسن اقبال، اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ملڪي صورتحال ۽ پارٽي جي مستقبل جي سياسي سرگرمين بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ترقي جو سفر جتي بند ٿيو اتان ئي شروع ڪيو ويندو، معاشي بحران ختم ڪري ملڪ کي ايشين ٽائيگر بڻايو ويندو، مسلم ليگ ن ڪارڪن عام چونڊن جي ڀرپور تياري ڪن.