تلهار ويجهو گهرو اڻبڻت تان نوجوان مبينا طور ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڳوٺ ماڻڪ لغاري جي رهواسي 20 سالن جي ڏيون ڪمار وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش وڻ مان لاهي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد نوجوان جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿيندو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.