تنگواڻي ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
آصف کوسو، صدام حسين، اختر باجڪاڻي، اصغر ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽينڊ وٽ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
احتجاج ڪندڙن اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي، هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين عبرت جو نشآنو بڻايو وڃي.