ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج توشاخانه ڪيس جي ٻڌڻي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان توشاخانه ڪيس جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران تحريڪ انصاف جو جونيئر وڪيل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
پي ٽي آءِ جي جونيئر وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سندن سينيئر وڪيل ۽ نه ئي عمران خان کي نوٽيس مليو آهي.
پوليس طرفان اڃا تائين نوٽيس وصولي جي رپورٽ عدالت ۾ جمع نه ڪرائي وئي.
ان کان اڳ ايڊيشنل سيشن جج نوٽيس جي وصولي بابت رپورٽ جمع ٿيڻ تائين توشاخانه ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو هو.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي توشاخانه ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو.