اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشاخانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي نيب ۾ طلبي کي قانون جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس بابر ستار توشاخانه نيب جاچ بابت ڪيس ۾ طلبي تي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي درخواستن تي فيصلو جاري ڪيو.
عدالت نيب طلبي نوٽيسز خلاف ٻنهي درخواستن کي اڪلائيندي طلبي جي نوٽيسز کي قانون جي خلاف قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت عمران خان ۽ سندس گهرواري جي درخواستن کي هدايت سان اڪلائيندي چيو ته نيب جي ڪال اپ نوٽيسز جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي.
عدالت چيو ته 17 فيبروري ۽ 16 مارچ جا نوٽيسز قانون موجب ناهن، اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته قانون موجب نيب فريش نوٽيسز جاري ڪرڻ ۾ آزاد آهي، نيب تي قانون موجب نوٽيس اماڻڻ تي ڪابه پابندي ناهي.
عدالت چيو ته جيڪڏهن ڪو جوابدار آهي ته کيس الزام ٻڌايا وڃن ته جيئن هو پنهنجو بچاءَ ۾ ثبوت پيش ڪري سگهي، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي نوٽيس اماڻڻ وقت نيب ترميم جي سيڪشن 19 اي تي مڪمل عمل ناهي ٿيو.
واضح رهي ته نيب توشاخانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي طلب ڪيو هو جنهن تي ٻنهي نيب طلبي نوٽيسز کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو…….