القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي رمانڊ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.
نيو گيسٽ هائوس پوليس لائنز ۾ عمران خان خلاف القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته نيب کي پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي،جنهن لاءِ عمران خان جو چوڏهن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي.
عدالت نيب پراسيڪيوٽر جي درخواست بعد ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو، جنهن دوران عمران خان عدالت کي چيو ته هو وڪيلن جا صلاح مشورو ڪڙڻ چاهي ٿو.
وقفي بعد ٻڌڻي شروع ٿي ته ڊپٽي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته عمران خان کي گرفتاري وقت وارنٽ ڏيکاريا ويا هئا.
ان تي عمران خان چيو ته کيس نيب آفيس پهچڻ بعد وارنٽ ڏيکاريا ويا، نيب جي وڪيل چيو ته سمورا ضروري ڪاغذ عمران خان جي وڪيل کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن.
عمران خان جي وڪيل خواجه حارث چيو ته جيئن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو، اهو قانوني طور غلط آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيوته جيڪي به پيسا آيا اهي ڪابينا جي منظوري سان آيا هئا، کيس حراست ۾ ورتو ويو ۽ شيشا ٽوڙيا ويا، ساڻس مسعود پٽيوالي وارو حال نه ٿئي، هي هڪ انجيڪشن هڻندا اهن، جنهن سان انسان آهستي آهستي مري ويندو آهي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ ٻعد عمران خان جي جسماني رمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
هواڏنهن اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي به پوليس لائن هيڊڪوارٽر ايڇ اليون جي گيسٽ هائوس ۾ ٿي، جتي عمران خان کي پيش ڪيو يوو.
ڪمشنر آفيس حفاظتي سبب جي ڪري پوليس لائنز کي عدالت جو درجو ڏنو.
ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور عمران خان کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو.
عدالت عمران خان تي توشا خانا ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي پر عمران خان ڏوهه کان انڪار ڪندي دستاويزن تي صحيح ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.