تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

توشه خانه ڪيس: احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم جي ضمانت منظور ڪندي سندس اشتهاريءَ واري حيثيت ختم ڪري ڇڏي

- Advertisement -
احتساب عدالت توشا خانه ڪيس ۾ ن ليگ جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي ضمانت منظور ڪندي سندس اشتهاريءَ واري حيثيت ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته اسلام آباد هائيڪورٽ ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ نوازشريف جي حفاظتي ضمانت ۾ 26 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پيش ٿيو. عدالت ۾ نوازشريف جي ضمانتيءَ طور ليگي اڳواڻ طارق فضل چوڌري کي مقرر ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران نوازشريف جي وڪيل سياسي دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي عدالت جي جج کيس سياسي دليلن کان روڪي ڇڏيو. عدالت توشا خانه ڪيس ۾ نوازشريف جي ضمانت منظور ڪندي ڏهن لکن جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. اعظم نذير تارڙ ٻڌايو ته احتساب عدالت نوازشريف جو اشتهاريءَ وارو اسٽيٽس ختم ڪري ڇڏيو آهي. بعد ۾ احتساب عدالت توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سرنڊر ڪرڻ لاءِ احتساب اسلام آباد هائيڪورٽ پهتو. اسلام آباد هائيڪورٽ نوازشريف جون اپيلون بحال ڪرڻ وارين درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪيو. نوازشريف جي ڪيس جي ٻڌڻيءَ لاءِ عدالتي عملي ڪمرو خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالتي اسٽاف چيو ته ڪورٽ روم خالي نه ٿيڻ تائين ٻڌڻي نه ٿيندي، هائيڪورٽ بار جي صدر نويد ملڪ ۽ عطا تارڙ به وڪيلن کي عدالتي ڪمرو خالي ڪرڻ جي  درخواست ڪئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
17 %
4.4kmh
0 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون