پاڪستان شوبز جي مشهور اداڪارا عروه حسين، هدايتڪار نديم بيگ جي ويجهڙ ۾ ڏنل بيان تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
گذريل ڪجهه ڏينهن پهريان هدايتڪار نديم بيگ ۽ نبيل قريشي فهد مصطفيٰ جي پروگرام ۾ شريڪ ٿيو جنهن ۾ هڪ سيگمنٽ دوران ان کان سوال ڪيو ويو ته سيٽ تي سڀ کان وڌيڪ نخرا ڪير ڪندو آهي؟.
جنهن تي نديم بيگ عروه حسين جو نالو ورتو ۽ چيو ته عروه ڊانس اسٽيپس ۾ رت جا ڳوڙها وهائيندي آهي.
جنهن تي عروه حسين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انسٽاگرام تي پوسٽ ڪئي ته بدقسمتي سان ريٽنگ جي خاطر انڊسٽري جي هر ميمبر کي تفريح جي لاءِ ٻئي فنڪار کي گهٽ ڏيکارڻو پوندو آهي.