وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته ثاقب نثار حنيف عباسي کي شڪست ڏيارڻ لاءِ شيخ رشيد جي ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪيو، تحريڪ انصاف حڪومت اسپتالن کي به رديءَ جي ٽوڪري حوالي ڪيو، ثاقب نثار پي ڪي ايل آءِ ۾ پنهنجي ڀاءُ کي مقرر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، صحت ۽ تعليم جي شعبي تي ڪنهن کي سياست نه ڪرڻ گهرجي.
راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مريضن جو علاج ڪرڻ وڏي عبادت آهي، اسپتال جي اڏاوت تي 5 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن.
هن چيو ته گذريل حڪومت هن اسپتال کي رديءَ جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو هو، پر ڪورونا دوران به اسپتال وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون.
وزيراعظم چيو ته ثاقب نثار حنيف عباسي کي شڪست ڏيارڻ لاءِ شيخ رشيد جي ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪيو.
شهبازشريف چيو ته ثاقب نثار غريبن کي انصاف نه پر سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ عدالت لڳائي هئي.
وزيراعظم عوامي خدمت جي ميدان ۾ سياست کي غلط قرار ڏيندي چيو ته تعليم ۽ صحت جي ميدان ۾ سياست جي اجازت نه هجڻ گهرجي.