بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ثاقب نثار نوازشريف سان دشمني ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويو.
جسٽس ثاقب نثار جي مبينا آڊيو ليڪ تي رد عمل ۾ سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي خواجه آصف چيو ته ميان ثاقب نثار جي آڊيو ٻـُـڌي، تمام گهڻو ڏک ٿيو.
هن چيو ته ثاقب نثار چوڏهن پندرهن سال اڳ نواز ۽ شهبازشريف بابت ٻه شڪايتون ڪيون، جيڪي سراسر بي بنياد آهي، هو ميڊيا تي حقيقت بيان ڪري سگهي ٿو.
خواجه آصف چيو ته ثاقب نثار نوازشريف کان بدلو ورتو، کيس سزا ٻڌائي، اڃا گهڻي دير ان زهر کي پاليندو رهندو؟