روس ۾ جاسوسي جي الزام ۾ امريڪي صحافي کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ امريڪا معاملي تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو آھي.
روس جي وال اسٽريٽ جرنل جي ماسڪو بيورو ۾ ڪم ڪندڙ امريڪي رپورٽر کي جاسوسي جي الزام ھيٺ گرفتار ڪيو ويو.
پرڏيھي خابرو اداري موجب، گرفتاري بعد امريڪي رپورٽر ايون گرشڪووچ کي روس جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏھن تھ عدالت کيس 29مئي تائين حراست ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو.
ٻئي طرف امريڪا جي پرڏيھي وزارت روس ۾ امريڪي صحافي جي گرفتاري تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو تھ صحافين ۽ ميڊيا خلاف روس جو قدم مذمت جوڳو آھي، بائڊن انتظاميا گرفتار رپورٽر جي خاندان ۽ روسي حڪومت سان رابطي ۾ آھي.
امريڪي رپورٽر جي گرفتاري بعد وائٽ ھائوس طرفان روس ۾ رھندڙ امريڪي شھرين کي فوري طور تي روس ڇڏڻ جو مشورو ڏنو ويو آھي.