جاپان ۾ ساوڪ سان ڍڪيل ٻنيءَ هيٺان هڪ لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا علم ۽ ماحول دوستيءَ جو شاندار مثال آهي.
اِن کي انڊر گرائونڊ لائبريريءَ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪا اڏاوتي ڊزائينر هيروشي ناڪامورا جي تخليق آهي.
شيبا نالي جاپاني شهر ۾ اِها لائبريري ماحول دوست باغ ۾ اڏي وئي آهي.
ٻنيءَ جي مالڪ ڪمپنيءَ جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته جيئن ٻوٽا مٽيءَ اندر رهن ٿا تيئن انسانن کي به زمين اندر وڃي علم حاصل ڪرڻ گهرجي.
هن لائبريريءَ ۾ وڃڻ لاءِ ساوڪ مان گذرڻو پوي ٿو، جنهن جي اڳيان غار جهڙو رستو اچي ٿو، ور وڪڙ رستي کان ٿي ماحول مان مزو وٺي ماڻهو لائبريري ۾ پهچي ٿو.
لائبريري ۾ فرش کان ڇت تائين ڪتابن جا شيلف رکيل آهن ۽ مطالعي لاءِ آرامده ۽ ويڪري جاءِ پڻ آهي.
لائبريريءَ جو حاطو گهڻي قدر ڪاٺيءَ سان ٺهيل آهي.
هن لائبريريءَ ۾ 50 شعبن جا 3 هزار ڪتاب رکيا ويا آهن..