اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ججن جي فيصلي تي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ گهرجي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس، ملڪ جو وزيراعظم، بچاءَ وارو وزير، چيف اليڪش ڪمشنر ۽ پارليامينٽ بڻجي وڃي.
لنڊن ۾ پيرس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته هو ستر ورهين کان اهو ئي ڏسي رهيا آهن، 1953ع کان نظريئه ضرروت تحت فيصلا اچي رهيا آهن، چونڊيل حڪومت کي ڪڍيو وڃي ٿو.
هن چيو ته ٽن ججن واري بئنچ چئن ججن جي فيصلي کي نه پئي مڃي، هي فيصلو ون مين شو آهي، ٽن ججن جي فيصلي تي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائڻ گهرجي، هي فيصلو چارج شيٽ آهي، ججن آئين ٻيهر لکيو آهي.
ن ليگ جي قائد چيو ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس، ملڪ جو وزيراعظم، بچاءَ وارو وزير، چيف اليڪش ڪمشنر ۽ پارليامينٽ بڻجي وڃي.
نوازشريف چيو ته فل ڪورٽ ڇو نه ٺاهي وئي، ٽن ججن تي ئي ڇو اصرار ڪيو ويو؟
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته کين هڪ منٽ ۾ ڪڍيو ويو۽ عمران خان کي ٻيهر آڻڻ لاءِ جتن ڪيا پيا وڃن.