احتساب عدالت 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي جعلي پينشن اسڪينڊل ريفرنس جي ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي ڊپٽي ناڻي کاتي واري سيڪريٽري عامر ضياءَ اسراڻ سميت 84 جوابدارن خلاف 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي جعلي پينشن اسڪينڊل ۾ عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
نيب احتساب عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو،
ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار خورشيد چانڊيي، امداد ميمڻ، اشرف جانوري ۽ ٻين جي عبوري ضمانت منظور ٿيل آهي، ريفرنس ۾ شريڪ جوابدار رياض کوسي، صفدر سميت 17 جوابدارن پنهنجو اڪائونٽ فرانزڪ ڪرائڻ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرايل آهي.
عدالت ۾ جوابدارن جو موقف آهي ته سندن نالي تي اڪائونٽ کوليا ويا پر هنن کي خبر به نه هئي.
نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار عامر اسراڻ ان وقت پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۾ مقرر هو.
نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار عامر اسراڻ کي آمريڪا کان واپسي تي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو ھو، جوابدار تي جعلي پينشن اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي.
نيب پراسيڪيوٽر موجب جوابدار عامر اسراڻ ۽ ٻين تي قومي خزاني کي 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي جنهن جو ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو ويو آهي.