- Advertisement -
اسرائيل شهري آبادين، اسپتالن ۽ عبادت گاهن کي به بخش نه ڪيو، غزا جي تاريخي گرجا گهر تي به بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پناهه وٺندڙ 10فلسطيني شهيد ٿي ويا.
غزا ۾ جاري اسرائيلي بربريت سبب 15 سئو کان وڌيڪ ٻارن سميت شهيد فلسطينن جو انگ 4 هزار 3 سئو کان وڌي ويو جڏهن ته هن وقت تائين 14 هزار شهري زخمي ٿي چڪا آهن.
غزا پٽيءَ تي اسرائيلي بمباري ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي چڪا آهن، اسرائيلي ظلم جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيل فلسطينين جو انگ به 10 لک تائين پهچي ويو آهي.
اسرائيلي فوج طرفان شيبا فارمز ڀرسان ڏکڻ لبنان تي به بمباري ڪئي وئي.
آمريڪي صدر ۽ برطانوي وزيراعظم جي حمايت ملڻ کانپوءِ ڪنهن به وقت غزا تي اسرائيلي فوج جي زميني حملي جو به امڪان پيدا ٿي ويو آهي.
حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي جارحيت سبب تڪرار علاقائي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي صورت ۾ اسرائيل ۽ سندس حامين جي هٿن مان نڪري ويندو.
مصر کان غزا جي رفاح ڪراسنگ به نه کلي سگهي جڏهن ته غزا ۾ ڦاٿل فلسطيني امداد جي اوسيئڙي ۾ ئي رهجي ويا ۽ امدادي ٽرڪن کي غزا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي سگهي.
غزا جي اسپتالن ۾ بجلي بند آهي ۽ ٻارڻ ختم ٿيڻ تي جنريٽر به بند ٿي ويا جڏهن ته اسپتالن جو عملو موبائل فون جي ٽارچ جي روشني ۾ آپريشن ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.
خان يونس اسپتال جي ڊاڪٽر پنهنجي بي وسي جو اظهار ڪندي چيو ته اسپتال ۾ ڪو به آءِ سي يو بيڊ موجود ناهي وڌيڪ جانيون بچائي نٿا سگهن.- Advertisement -
