تازه ترين

جنگ سال جي آخر تائين جاري رهندي ته غزه انساني ترقي ۾ 19 سال پوئتي ڌڪجي ويندو

گڏيل قومن جي ڊِيلي اداري يو اين ڊي پي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته غزه ۾ جاري جنگ سبب فلسطيني معيشيت کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي، جيڪڏهن اها جنگ سال جي آخر تائين جاري رهندي ته غزه انساني ترقي ۾ 19 سال پوئتي ڌڪجي ويندو.

يونائيٽڊ نيشنز ڊيولپمينٽ پروگرام جي رپورٽ موجب،   جنگ سبب 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين صرف هڪ مهيني دوران فلسطيني جي ڊي پي ۾ 4 ڏهائي 2 سيڪڙو گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته معاشي نقصان جو ڪاٿو 857 ملين ڊالر ٿئي ٿو، جيڪڏهن اجا جنگ وڌيڪ ٻه مهينا جاري رهي ته انگ اکر تبديل ٿي ڪري 8 ڏهائي 7 سيڪڙو ۽ معاشي نقصان جو ڪاٿو 1 ڏهائي ارب ڊالر ٿي ويندو.

يو اين ڊي پي جي عرب رياستن بابت ريجنل بيورڪي جـَي اسسٽنٽ سيڪريٽري جو چوڻ هو ته هـُنن هڪ مهيني جي عرصي ۾ انساني ترقي ۾ ايتري وڏي ريگريشن اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي، جڏهن ته هـِي تڪرار جلدي ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي………

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
28 %
0.6kmh
0 %
آچر
14 °
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °

تازه ترين خبرون