تازه ترين

جهالت ملڪ جي تباهي آهي، ملڪي ترقي لاءِ تعليم ضروري آهي : خورشيد شاھه

اڳوڻي وفاقي وزير ۽  پ پ اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھه چيو آهي ته جهالت ملڪ جي تباهي آهي، ملڪي ترقي لاءِ تعليم ضروري آهي، اسان وٽ يورپ، فرانس ۽ آمريڪا جهڙوماحول ناهي، ملڪ ۾ اسلامي ماحول آهي، اولهه جي ملڪن جو ڪلچر اختيار نٿا ڪري سگهون.

روھڙي جي علائقي علي واهڻ ۾ آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته ماڻهن کي سٺي تعليم نه ڏيڻ سبب ملڪ ۾ غربت آهي.

سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي عوام کي شعور ڏنو، جيڪڏهن پ پ صحيح نموني ڪم ناهي ڪيو ته عوام ووٽ ذريعي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪري سگهي ٿو.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته عوام جي مرضي آهي هو جنهن پارٽي کي پنهنجو ووٽ ڏي، پر هڪ ڳالھه ضرور ڪندس ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لنڊن، دبئي ۽ سعودي عرب وڃڻ کي ترجيح ڏيڻ بدران جيل ۽ ڦاهي کي ترجيح ڏني، پر آمر اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو.

هن چيو ته سياسي پارٽيون سياسي فيصلا ڪنديون آهن، سياست کي هن ملڪ ۾ ٻي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو پر مهذب  دنيا ۾ سياست کي پيپلز پارٽي وانگي ڏٺو وڃي ٿو.

خورشيد شاهه چيو ته پ پ سياست کي خدمت ۽ عبادت سمجهندي آهي،  پيپلز پارٽي جي سياست ۽ حاڪميت عوام جي راءِ تي ٻڌل آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري هن قوم جو رهبر آهي ۽ رهبر رهندو…

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
scattered clouds
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
14 %
2.2kmh
30 %
اربع
19 °
خميس
20 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون