فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي صدر جياني انفينٽينو کي ٽيون ڀيرو اعتماد جو ووٽ ملي ويو.
غيرمُلڪي نيوز ايجنسي جي رپورٽ جي مطابق انفينٽينو کي اعتماد جو ووٽ ملڻ کانپوءِ 2027 تائين صدر چونڊجي ويو، فٽبال جي ڪانگريس جي اجلاس ۾ ان کي بنا مقابلي عهدي جي لاءِ ڪامياب قرار ڏنو ويو.
سوئٽزرلينڊ سان تعلق رکڻ واري 52 سالن جي جياني 2016 ۾ سيپ بلاٽر جي جڳهه صدارت جو عهدو سنڀاليو هو ۽ هي ان جي 4 سال جي ٽين مدت ٿيندي.
ياد رهي ته جياني انفينٽينو گذريل سال قطر ۾ شيڊول عالمي ڪپ جي ميزباني جو دفاع ڪيو هو.