نيوزيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن کي برطانوي شهزادي وليم اهم شاهي ذميواري سونپي ڇڏي آهي.
هڪ پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانوي شهزادي وليم نيوزيلينڊ جي اڳوڻي وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن کي ارٿ شوٽ پرائز بورڊ آف ٽرسٽيز ۾ اهم ذميواري ڏني آهي.
شهزادي وليم پنهنجي انسٽا اڪائونٽ تي پوسٽ رکي اهڙو اعلان ڪيو.
هن پنهنجي پوسٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته هو جيسينڊا آرڊرن کي ارٿ شوٽ پرائز بورڊ آف ٽرسٽيز ۾ ڀليڪار ڪرڻ تي خوش آهن.
جيسينڊا آرڊرن پوسٽ تي هڪ پيغام پڻ لکيو ته جڏهن کان ارٿ شوٽ پرائز قائم ٿيو آهي، هوءَ ان جي اهميت ۽ افاديت جي قائل آهي. هيءَ هڪ نئين اميد ۽ تمام همٿائيندڙ قدم آهي.
شهزادي وليم لکيو ته جيسينڊا وزيراعظم طور پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سان دنيا جون دليون کٽي ورتيون، هو سندس تجربي مان فائدو وٺندا.