تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيل وڃڻ کان بچائڻ تي ڪارڪنن جو ٿورائتو آهي.
زمان پارڪ لاهور ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪارڪن رينجرز ۽ پوليس سان ڄمي مقابلو ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان اڃا تائين جمهوري ملڪ نه بڻجي سگهيو آهي، عوام جو پئسو چوري ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن جمهوري ملڪ ۾ معاف نه ڪيو ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪو معاشرو وڏن ڦورن کي نه پڪڙيندو آهي رڳو ننڍن چورن ۽ ڌاڙيلن کي پڪڙيندو آهي تباهه ٿي ويندو آهي.
عمران خان چيو ته ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي، سندس ماڻهن کي گهرن مان کنڀيو ويو آهي، علي امين گنڊا پور کي هڪ ڪيس ۾ جيل حوالي ڪيو ويو، ضمانت ٿيڻ تي نئين ڪيس ۾ اندر ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته پاڪستان کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، اڃا به زمان پارڪ ۾ خطرو آهي، اڃا وڌيڪ ويڙهه ڪرڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس کي سلام آهي جيڪو آئين سان گڏ بيٺل آهي، سموري قوم ساڻس گڏ آهي.
عمران خان چيو ته سمورا پاڪستاني تيار ٿي وڃن جلد تحريڪ شروع ڪئي ويندي.