- Advertisement -
جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جي مدد جي الزام ۾ ٽن عورت ملازمن کي حراست ۾ ورتو ويو، ذريعن موجب سڪيورٽي ادارن وڌيڪ 6 جيل ملازمن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي، گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪندا هئا.
جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جي مدد جي الزام ۾ ٽن عورت ملازمن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
ذريعن موجب سڪيورٽي ادارن وڌيڪ 6 جيل ملازمن کي به حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي.
حراست ۾ ورتل جيل ملازمن ۾ 3 عورتون، هڪ سويپر، 2 ليڊي وارڊن ۽ 3 سي سي ٽي وي ڪيمرا جي نگراني ڪندڙ اهلڪار شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل ملازمن جا موبائل فون قبضي ۾ ورتا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل ملازم جيل ۾ بشرا بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني وچ ۾ پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪندا هئا.- Advertisement -
