جيڪب آباد ويجهو جوابدار ڪارنهن الزام مڙهي پنهنجي زال ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.
مولا داد ٿاڻي جي حد لانڊي اسٽاپ وٽ جوابدار علي شير مغيري ڪارنهن الزام ۾ گوليون هڻي نوجوان غلام حسين مغير کي قتل ڪري ڇڏيو.
جوابدار، نوجوان کي قتل ڪرڻ بعد ڳوٺ قادرپور ۾ پنهنجي زال سڪينا کي به گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن تان پيش آيو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.